پاسپورٽ بليڪ لسٽ ڪرڻ جو قانون ڪالعدم قرار

لاهور هائيڪورٽ پاسپورٽ بليڪ لسٽ ڪرڻ جو قانون ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

لاهور هائيڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ بليڪ لسٽ مفرور جوابدار جي پاسپورٽ جي رنيو نه ٿيڻ خلاف درخواست تي فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ نواز، شهباز ڪيسن تي اعليٰ عدليا جي حڪمن جا حوالا به فيصلي جو حصو آهن.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پاسپورٽ ايڪٽ ۾ بليڪ لسٽ ڪرڻ جي ڪا به شق موجود ناهي، ڊپٽي اٽارني جنرل بليڪ لسٽ قانون ختم ڪرڻ تي ان جي سنگين اثرن جو خدشو ظاهر ڪيو، خدشن جي بنياد تي رياستي مداخلت جي ڀڃڪڙي آئيني حقن جو تحفظ ترجيح آهي، قانون ۾ جيڪڏهن ڪا به خامي هجي ته پارليامينٽ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.

فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مسلم ليگ نواز ڪيس 2007ع ۾ سپريم ڪورٽ آزاد معاشري لاءِ بنيادي انساني حقن کي رياستي مداخلت تي ترجيح ڏئي چڪي، بنيادي آئيني حق آئين جي دل ۽ روح هوندا آهن.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته سفر ڪرڻ جو حق عالمي طور تي بنيادي انساني حق تسليم ڪيو ويو آهي ۽ ڪنهن به شهري جو سفر ڪرڻ ۽ ٻاهرين ملڪ وڃڻ بنيادي حقن جي آرٽيڪل جو جُز آهي.

عدالتي فيصلي موجب پاسپورٽ ايڪٽ 1974ع، اي سي ايل آرڊيننس 1981ع پرڏيهه سفر بابت قانون آهن، حڪومت ڪنهن به شهري جو پاسپورٽ رد ڪرڻ کان ٻه هفتا اڳ نوٽيس ڏيڻ جي پابند آهي، وفاقي حڪومت نوٽيس کانسواءِ رڳو هڪ شهري جو پاسپورٽ رد ڪري جيڪو ملڪي مفاد جي خلاف ڪم ڪري رهيو هجي.

عدالت جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت پاسپورٽ ايڪٽ جي قلم 8 تحت رڳو پاسپورٽ قبضي ۾ وٺي سگھي ٿي يا رد ڪري سگھي ٿي، پاسپورٽ ايڪٽ ۾ ڪٿي به ناهي لکيل ته ڪنهن شهري کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي، ايگزٽ ڪنٽرول آرڊيننس 1981ع تحت وفاقي حڪومت ڪنهن به شهري کي پرڏيهه ملڪ سفر ڪرڻ کان ئي روڪي سگھي ٿي، حڪومت رڳو سنگين ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جا نالا ئي اي سي ايل ۾ شامل ڪري سگهي ٿي .

Read Previous

آمريڪا سدائين پاڪستان کي پنهنجي مطلب لاءِ استعمال ڪيو: عمران خان

Read Next

ناڻي واري وزير جو سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ واڌ بابت وڏو بيان

Most Popular