ناڻي واري وزير جو سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ واڌ بابت وڏو بيان

ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين سرڪاري ملازمن جون پگھارون وڌائڻ جي اعلان تي چيو آهي ته اها اڃا شروعات آهي ٻيون به ضرورتون پوريون ڪنداسين.

شوڪت ترين وزيراعظم طرفان پگھارون وڌائڻ جي اعلان کان پوءِ سرڪاري ملازمن طرفان رٿيل اجتماع ۾ پهتو.

ان موقعي تي شوڪت ترين چيو ته ملازمن سان سٺو ڪيو پيو وڃي، جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورا ڪيو.

هن چيو ته ڪالهه اسان وزيراعظم کي ٻڌايو ته اسان ملازمن کان هڪ سال اڳ واعدو ڪيو هو جنهن تي عمران خان چيو ته بلڪل، ملازمن سان ڪيل واعدا پورا ڪريو، هاڻ وزيراعظم ملازمن سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته اها اڃا شروعات آهي، انشاالله اوهان جون ٻيون به ضرورتون پوريون ڪنداسين، نوڪري پيشا ماڻهن کي مهانگائي تنگ ڪيو آهي، اسان کين سپورٽ ڪنداسين.

Read Previous

پاسپورٽ بليڪ لسٽ ڪرڻ جو قانون ڪالعدم قرار

Read Next

اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن کي روڪيو ويو

Most Popular