شعيب اختر کانپوءِ وسيم اڪرم جي به ٽڪ ٽاڪ تي انٽري

ليجنڊري ڪرڪيٽر وسيم اڪرم به ٽڪ ٽاڪ تي انٽري ڏئي ڇڏي.

وسيم اڪرم ٽڪ ٽاڪ کي هڪ تفريحي ايپ بڻائڻ ۽ غير ضروري اسٽنٽ نه ڪرڻ جي پيغام سان ٽڪ ٽاڪ تي انٽري ڏني.

اڳوڻي پيسر هڪ ويڊيو شيئر ڪندي ٽڪ ٽاڪ تي اچڻ جو اطلاع به ڏنو.

هن چيو ته ٽڪ ٽاڪ ۾ اسٽنٽ ڪرڻ کان پاسو ڪجي، ڇو ته اهڙا اسٽنٽ رڳو اعليٰ تربيت ماڻيل ماڻهو ئي ڪري سگهن ٿا.

واضح رهي ته تازو شعيب اختر به ٽڪ ٽاڪ جوائن ڪيو هو.

Read Previous

ڊگھي ڄمار لاءِ ڪهڙين غذائن جو استعمال ڪرڻ گھرجي؟

Read Next

ايران نئون ميزائل تيار ڪري ورتو، اسرائيل تائين رينج جي دعويٰ

Most Popular