ڊگھي ڄمار لاءِ ڪهڙين غذائن جو استعمال ڪرڻ گھرجي؟

Panoramic food background with assortment of fresh organic vegetables

پنهنجي غذائي عادتن ۾ تبديلي آڻي اوهان پنهنجي زندگي ۾ 13 سال واڌ ڪري سگھو ٿا، خاص ڪري جيڪڏهن جواني کان ئي اوهان صحت بخش غذا جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو.

اها ڳالهه هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.

تحقيق ۾ ڏٺو ويو  ته جيڪڏهن مرد يا عورتون (ڳاڙهي گوشت ۽ پراسيس يا جنڪ فوڊ تي ٻڌل) جي جاءِ تي ڳاڙهي ۽ پراسيس گوشت جو گھٽ استعمال ڪري ميون، ڀاڄين، دالين ۽ ان جو وڌيڪ استعمال ڪرڻ لڳن ته سراسري عمر تي ڪهڙا فرق پون ٿا.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن عورتون 20 سالن جي عمر کان صحت لاءِ فائديمند غذائن جو استعمال شروع ڪري ڇڏين ته انهن جي سراسري عمر ۾ 10 سال واڌ ٿي سگھي ٿي جڏهن ته مردن ۾ اها 13 سال دريافت ٿي.

تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته وڏي عمر جا ماڻهو به صحت بخش غذا کي ترجيح ڏين ته انهن جي زندگي جو دورانيو وڌي سگھي ٿو.

حقيقت ۾ ميون ۽ ڀاڄين تي ٻڌل غذا 80 سالن جي ماڻهن لاءِ به فائديمند هوندي آهي، ان عمر جا مرد يا عورتون غذائي عادتن ۾ تبديلي آڻي زندگي جي مدي ۾ ساڍن ٽن سالن تائين واڌ ڪري سگھن ٿا.

تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته دالين، ان ۽ دالين وغيره جو گھڻو استعمال زندگي ڊگھي ڪري ٿو.

انهن ۾ پروٽين سان گڏوگڏ صحت بخش سڻڀ، وٽامنز، منرلز ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس موجود هوندا آهن جيڪي دائمي مرضن جو خطرو گھٽائيندا آهن.

محققن موجب ڳاڙهي ۽ پراسيس گوشت جو وڌيڪ استعمال صحت لاءِ دل جي مرضن ۽ آنڊن جي ڪينسر سميت  ٻين مرضن جي خطري کي نمايان حد تائين وڌائي ٿو.

ان جي جاءِ چرٻي وارو ڪڪڙ جو گوشت، مڇي ۽ نباتاتي پروٽينز کي ڏيڻ سان غذائي معيار گھڻو بهتر ٿي وڃي ٿو.

Read Previous

پاڻ کان 31 سال ننڍي ڪنوار سان گڏ وڊيو وائرل، عامر لياقت جي وضاحت

Read Next

شعيب اختر کانپوءِ وسيم اڪرم جي به ٽڪ ٽاڪ تي انٽري

Most Popular