سيوھڻ صحت کاتي جي صوبائي وزير عذره پيچوهو جو سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ جو دورو ڪيو

سيوهڻ شریف رپورٽ حيدر علي بلوچ سيوھڻ صحت کاتي جي صوبائي وزير عذره پيچوهو سيوهڻ پهچي سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ جو دورو ڪيو صوبائي وزير عذره پيچوهو سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ پهچڻ تي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي استقبال ڪيو ۽ اسپتال جو دورو ڪرايو، صوبائي وزير جو ٻڌي سالن کان غير حاضر رهندڙ بااثر ملازم ڊيوٽي تي پهچي ويا اسپتال انتظاميا شڪايت جي ڊپ کان سوين سيڪيورٽي گارڊ صوبائي وزير جي سيڪيورٽيءَ تي لڳائي ڇڏيا، عام مريض صوبائي وزير وٽ شڪايت لاء نه پهچي سگهيا، صحافين جي پهچڻ تي پارلياماني سيڪريٽري هيلٿ قاسم سومرو سيوهڻ اسپتال انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، صحافين کي سيڪيورٽي گارڊن ڪوريج کان روڪي ورتو، ان موقعي صوبائي وزير عذره پيچوهو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ ۾ مريضن جو تعداد تمام گهڻو آهي، هن اداري کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مريضن کي وڌ کان وڌ سھولتون ملي سگهن، ڪورونا جي ڊيوٽي ڪندڙ پيرا ميڊيڪل عملي کي ڪرونا الائونس ملي رهيو آهي، ڪانٽريڪٽ ملازمن کي پڪو ڪرڻ جي سوالن جي جواب ۾ صوبائي وزير صحت چيو ته انسٽيٽيوٽ پاليسيءَ موجب ڪانٽريڪٽي ملازمن کي پڪو ڪيو ويندو، صوبائي وزير عذره پيچوهو سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ ۾ ايمرجنسي وارڊ، گائني وراڊ، سي سي يو، چيلڊرن وارڊ جو دورو پڻ ڪيو ٻئي طرف شهري عبدالفتاح لاکو منسٽر ھيلٿ عذرہ پيچوهو جي گاڏيءَ جي اڳيان احتجاج ڪري ويهي رهيو اسپتال جو ڊائريڪٽر جعلي ڀرتيون ڪري نوجوانن جا حق هڙپ ڪري رهيو آھي ڪنهن غريب کي ڪا سهولت ناهي بااثر ماڻهن کي ڏسندي ڊائريڪٽر آفيس مان نڪري ٿو اچي سٽي اسڪين، ايم آر آئي جي فيس ۾ به صرف وڏن ماڻهن کي رعايت ملي ٿي اسپتال جا ملازم چند سالن ۾ ڪروڙ پتي بڻجي ويا آھن اسپتال انتظاميه ۽ سڪيورٽي گارڊ شھري عبدالفتاح لاکو کي زبردستي گهلي تذليل ڪري وزير صحت عذرہ پيچوهو جي گاڏيءَ کان پري ڪيو نوجوان گاڏي جي پويان ڊوڙي ڌڪا کائيندي لڙڪ لاڙيندي ڪري پيو ٻئي طرف ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ معين الدين صديقي صحافين کي ڪوريج کان ٻانهون ٻڌي روڪيندو رهيو منهنجي عزت جو خيال ڪيو ائين نه ڪيو صحافين کي سواء ميڊيا ٽاڪ جي سموري ڪوريج کان پري رکيو ويو.

Read Previous

سي پيڪ نه هلي سگهندڙ کي به سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو هر دفعي وانگر وزيراعظم عمران خان ملتان سان زيادتي ڪئي: پ پ چيئرمين

Read Next

نواز شريف جي ڊاڪٽر جي لکت ٻيهر رد

Most Popular