نواز شريف جي ڊاڪٽر جي لکت ٻيهر رد

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طبي رپورٽ جو جائزو وٺندڙ ميڊيڪل بورڊ آمريڪا ڄاول ڊاڪٽر فياض شاول جي لکت ٻيهر رد ڪري ڇڏي.

ذريعن موجب جائزي وارين رپورٽن کي اڻ مڪمل قرار ڏنو ويو ۽ موقف اپنايو ويو ته آمريڪا ڄاول ڊاڪٽر فياض شاول جون رپورٽون مڪمل ناهن، ڊاڪٽر فياض شاول رڳو نواز شريف جي صحت تي لکت موڪلي آهي.

ميڊيڪل بورڊ جو چوڻ آهي ته ڪنهن ميڊيڪل اداري يا ليبارٽري جون ميڊيڪل رپورٽون موجود ناهن.

ميڊيڪل بورڊ صحت کاتي کي نواز شريف جي رپورٽن تي لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب 9 رڪني ميڊيڪل بورڊ اڳ به نواز شريف جي رپورٽن کي اڻ مڪمل قرار ڏنو هو.

Read Previous

سيوھڻ صحت کاتي جي صوبائي وزير عذره پيچوهو جو سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ جو دورو ڪيو

Read Next

نجي ٽي وي جو رپورٽر بڻجي به ڀيرا آمريڪي ويزا وٺندڙ جوابدار گرفتار

Most Popular