ميهڙ جي ڀٽي روڊ ڪالوني جي رهواسي بادل چنا پنهنجي معصوم ٻارن ختيار تنيو خلاف احتجاج ڪندي

ميهڙ جي ڀٽي روڊ ڪالوني جي رهواسي بادل چنا پنهنجي معصوم ٻارن سهيل ۔ مزمل ۔ جميلان سان گڏجي فراڊي ٽولي فضل جانوري ۔مختيار تنيو خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته فراڊي فضل جانوري ۽ ٻين روينيو کاتي اين ملي ڪري سرڪاري زمين جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي گولي مار واري علائقي ۾ سڪني ڪري ڪالوني ڪري پلاٽ وڪرو ڪيا هئا ۔ بعد ۾ ڊي سي دادو ڪالوني رد ڪري زمين سرڪار حوالي ڪري ڇڏي فراڊي ٽولي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي ۔ فراڊي اسان کان لکين روپيا وٺي هڙپ ڪري ڇڏيا آهن هن چيو ته مون پنهنجي حياتي جي جمع پونجي گڏ ڪري ٻچڙن لا۽ پلاٽ وٺي گهر ٺهرايو هاڻي گهر ته ويو پر فراڊي ٽولو پئسا به واپس نه پيو ڪري هنن گهر ڪئي ته فراڊي ٽولي خلاف قدم کڻي هڙپ ڪيل رقم واپس ڪرائي وڃي

Read Previous

سعودي عرب اليڪٽرانڪ پاسپورٽ جاري ڪري ڇڏيو

Read Next

شهباز شريف جي 14 روهين کان پوءِ چوڌري ڀائرن سان سندن گھر تي ملاقات

Most Popular