خدا شاديون ڪرڻ جو چيو آهي، طلاق ۽ خلع ڏيڻ جو نه: عامر لياقت

پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت حسين پنهنجي ٽين شادي کان پوءِ خبرن ۾ آهي.

شادي کان پوءِ عامر لياقت پنهنجي زال سان گڏ يوٽيوبر نادر علي جي پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن ان موضوع تي ڳالهايو جيڪي ان کان اڳ بحث جو حصو نه رهيا هئا.

عامر لياقت حسين دعويٰ ڪئي ته هن پنهنجي پهرين زال بشرا اقبال کي طلاق نه ڏني ۽ نه ئي ٻين زال طوبيٰ انور جي خلع وارن ڪاغذن تي صحيح ڪئي.

هن شادي ۽ طلاق جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته شادي ڪرڻ گھڻو ڏکيو آهي پر طلاق ڏيڻ ۽ ڇڏڻ وڌيڪ سولو آهي، آئون اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته آئون پنهنجين اڳوڻين زالن کي ناهي ڇڏيو.

Read Previous

آمريڪي آبدوز پاران روسي سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي

Read Next

ايم ڪيو ايم باني فاروق ستار کي گاريون ڏنيون: شاهد جو عدالت ۾ بيان

Most Popular