ايم ڪيو ايم باني فاروق ستار کي گاريون ڏنيون: شاهد جو عدالت ۾ بيان

متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻن خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس ۾ اکين ڏٺي شاهد انسپيڪٽر هاشم بلو فاروق ستار ۽ ٻين خلاف شاهدي ڏئي ڇڏي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن خلاف ميڊيا هائوسز تي حملي بابت ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان، فاروق ستار، گلفراز خٽڪ ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي وڪيلن جج جي رويي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هن عدالت ۾ ڪيس نٿا هلائڻ چاهين جنهن کي عدالت رد ڪندي چيو ته جيستائين ڪيس منتقلي جو ڪو آرڊر نٿو ملي ڪيس جي ٻڌڻي جاري رهندي.

هن حڪم کانپوءِ عدالت پوليس ۽ رينجرز جي واڌو نفري به طلب ڪري ورتي.

عدالت استغاثه جي ٽن شاهدن ۾ انسپيڪٽر هاشم بلو، انسپيڪٽر وقار تنولي ۽ شاهه جهان خٽڪ جو بيان قلمبند ڪيو.

اکين ڏٺي شاهد انسپيڪٽر هاشم بلو عدالت کي ٻڌايو ته اوقعي وقت ايم ڪيو ايم باني فاروق ستار کي گهٽ وڌ ڳالهايو، هو پنج لک ماڻهو گڏ نه ڪرڻ تي فاروق ستار کان ڪاوڙيل هو، چڙ ڏياريندڙ تقرير کانپوءِ ميڙ جوڙ ۾ آيو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، پوليس وين ۽ گاڏين کي باهه ڏني، هڪ شخص مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ان دوران ميڊيا هائوس تي حملو ڪيو ويو، سموري واقعي دوران فاروق ستار ۽ ٻيا موجود رهيا.

شاهد جي بيان دوران ڪيترائي ڀيرا ايم ڪيو ايم وڪيلن ۽ فاضل جج وچ ۾ ڏند چڪ ٿي، شاهد جي بيان دوران ايس ايڇ او بوٽ بيسن، چار رينجرز اهلڪار به سيڪيورٽي لاءِ عدالتي ڪمري ۾ موجود رهيا.

شاهدن جي بيانن تي جوابدارن جي وڪيلن جرح به مڪمل ڪري ورتي جنهن تي عدالت ٻڌڻي 5 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

خدا شاديون ڪرڻ جو چيو آهي، طلاق ۽ خلع ڏيڻ جو نه: عامر لياقت

Read Next

شاهد آفريدي 4 اوورن ۾ 2 وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون

Most Popular