شاداب خان جي مداحن کي دعا جي درخواست

پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان مداحن کي دعائن جي درخواست ڪئي آهي.

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ڪراچي ڪنگز خلاف ميچ دوران اسلام آباد جا ٻه رانديگر ڪپتان شاداب خان ۽ فاسٽ بالر ذيشان ضمير زخمي ٿي پيا هئا.

آصف علي شاداب جي غيرموجودگي ۾ ڪپتاني جي ذميواري سنڀالي هئي پر هاڻ شاداب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مداحن کي انجري بابت آگاهه ڪيو ۽ پنهنجي ٽيم اسلام آباد يونائيٽيڊ تي فخر جو اظهار ڪندي سمورن رانديگرن ۽ ٽيم جي ميمبرن جو شڪريو ادا ڪيو.

Read Previous

ميڪسيڪو سٽي: ويلنٽائن ڊي تي 600 جوڙن جي اجتماعي شادي

Read Next

مڙس جا ڏنل گل ڊائري ۾ سينگاريندي آهيان: سارا خان

Most Popular