ميڪسيڪو سٽي: ويلنٽائن ڊي تي 600 جوڙن جي اجتماعي شادي

ميڪسيڪو سٽي ۾ ويلنٽائن ڊي تي 600 کان وڌيڪ جوڙا شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا، سندن اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب  ميڪسيڪو سٽي ۾ هڪ اجتماعي شادي ۾ سوين جوڙا انٽرنيشنل ويلنٽائن ڊي تي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا.

سلوا نالي ناري جو چوڻ هو ته مون کي يقين نه هو ته مون کي به محبت ملندي پر مون کي منهنجو پيار مليو.

تقريب ۾ شامل هڪ ٻي عورت جوناٿن گارسيا چيو ته اجتماعي شاديون هڪ خانداني رسم آهي. هن جي خاندان ۾ هن جي ٻن ڀينرن جي به اهڙي ريت شادي ڪئي هئي ۽ اهي ٻئي خوش آهن.

سندس چوڻ هو ته هن به اها روايت برقرار رکندي شادي ڪئي آهي.

ايريا ڪائونسل جي ميمبر ماريا ڊرينڪا رينڊن ٻڌايو ته اجتماعي شادي ۾ ويجهڙائي ۾ جيڪا گهٽتائي هوندي آهي اها ختم ٿيندي آهي جڏهن ته هن ۾ مفت شادي جي سرٽيفڪيٽس جهڙا فائدا هوندا آهن.

هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته 661 ڪٽنب کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ وڏو چئلينج هو.

Read Previous

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصل ووڊا جي تاحيات نااهلي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

Read Next

شاداب خان جي مداحن کي دعا جي درخواست

Most Popular