”چيف جسٽس کي سموسي ۽ کنڊ جي قيمت جا نه، آئيني معاملن جا فيصلا ڪرڻ گهرجن“

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ۾ پاڪستان جمهوريت کان پري ۽ آمريت ڏانهن وڌي رهيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو عوام کي ڏيکارينداسين ته ڪير سليڪٽڊ سان گڏ آهي ۽ ڪير پارليامينٽ سان گڏ، بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ لاءِ هر پارليامينٽ ميمبر کي گڏ کڻي هلڻ جي مهم هلائينداسين.

هن چيو عوام کي ڏيکارينداسين ته جڏهن معاشي بحران آهي، انساني حقن تي حملا ٿي رهيا آهن، جمهوريت جو جنازو نڪري رهيو آهي ته ڪير انهن سان گڏ آهي، عمران خان جي حڪومت پاڪستان ۾ جمهوريت کان پري ۽ آمريت ڏانهن وڌي رهي آهي، پارليامينٽ بدترين دور مان گذري رهي آهي ۽ اسان ان سسٽم خلاف وڙهي رهيا آهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان وڪيلن، ججن جو وڏو احترام ڪيون ٿا پر بدقسمتي سان وڪيلن جي تحريڪ مان جيڪي اميدون هيون، اهي پوريون نه ٿيون، منهنجي حساب سان چيف جسٽس آف پاڪستان کي سموسي، کنڊ جي قيمت جا نه پر آئيني معاملن جا فيصلا ڪرڻ گهرجن.

Read Previous

عوام اپوزيشن ڏانهن واجهائي رهيو آهي، عوامي آواز تي لبيڪ چوڻ گهرجي: مريم نواز

Read Next

بل گيٽس پاڪستان پهتو، وزيراعظم سان ملاقات

Most Popular