بل گيٽس پاڪستان پهتو، وزيراعظم سان ملاقات

مائڪرو سافٽ باني بل گيٽس پاڪستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو.

مائڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس وزيراعظم هائوس ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پوليو روڪ مهم ۽ ڪورونا جي روڪٿام جي حوالي سان گفتگو ڪئي وئي.

ذريعن موجب ان کان اڳ بل گيٽس ڪورونا بابت چڪ شهزاد ۾ قائم اسپتال جو دورو به ڪيو، جڏهن ته هو اين سي او سي هيڊ ڪوارٽرز به ويو.

بل گيٽس اين سي او سي سربراهه اسد عمر ۽ صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سان ملاقات پڻ ڪئي، هو وفد سان گڏ اين سي او سي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو.

Read Previous

”چيف جسٽس کي سموسي ۽ کنڊ جي قيمت جا نه، آئيني معاملن جا فيصلا ڪرڻ گهرجن“

Read Next

ڀارتي پوليس باحجاب عورتن کي لٺيون وهائي ڪڍيون، ويڊيو وائرل

Most Popular