اسان ضياءُ الحق، پرويز مشرف ۽ هاڻ سليڪٽڊ جو مقابلو ڪري رهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لانگ مارچ حڪومت خلاف ۽ بي اعتمادي جي حق ۾ هوندو، اسان جي ڪاميابي اها آهي ته بي اعتمادي جي مخالفت ڪندڙ ساٿي به ان ئي پيج تي اچي ويا آهن.

پشاور ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ 27 فيبروري کان عوامي مارچ شروع ڪري رهي آهي، عوامي مارچ نالائق، ناجائز ۽ نااهل حڪومت خلاف آهي، اسان پهرئين ئي ڏينهن کان وزيراعظم کي سليڪٽڊ قرار ڏنو هو.

هن چيو ته لانگ مارچ حڪومت خلاف ۽ بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ هوندو، اسان جي ڪاميابي اها آهي ته بي اعتمادي جي مخالفت ڪندڙ  به ان ئي پيج تي اچي ويا آهن، بي اعتمادي نه آڻڻ جا خواهشمند اسان جو موقف ورجائي رهيا آهن، دوست چوندا هئا ته استعيفيٰ ڏيو، اليڪشن ۾ حصو نه وٺو پر اسان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هٿ ٺوڪئي جو ڄمي مقابلو ڪيو.

Read Previous

پ پ جو پيڪا قانون عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

Read Next

پي ٽي آءِ اڳواڻ پاران شهباز شريف ۽ جهانگير ترين ۾ ڳجهي ملاقات جي تصديق

Most Popular