پ پ جو پيڪا قانون عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

پ پ پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز (پيڪا) قانون عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسان پيڪا قانون کي رد ڪيون ٿا، 17 فيبروري تي سينيٽ اجلاس هو ۽ 18 فيبروري تي آرڊيننس پيش ڪيو ويو، اهي قانون ٺاهي پنهنجي مخالفن کي ڊيڄارڻ چاهين ٿا.

هن چيو ته ڊريڪونين قانون ٺاهي ميڊيا تي پابندي لڳائڻ چاهين ٿا، جن قانون ٺاهيو آهي، اهو اڳ ۾ انهن تي ئي لاڳو  ٿيندو.

Read Previous

واٽر بورڊ ڪراچي جي ميئر جي ماتحت هوندو، سنڌ ڪابينا جي منظوري

Read Next

اسان ضياءُ الحق، پرويز مشرف ۽ هاڻ سليڪٽڊ جو مقابلو ڪري رهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular