فحش فلمن جو ڪيس: شلپا شيٽي مڙس راج ڪندرا جي ڪري وڌيڪ ڏکيائين جو شڪار

بالي ووڊ جي مشھور اداڪارا شلپا شيٽي پنهنجي مڙس راج ڪندرا خلاف فحش فلمن جي ڪيس ۾ وڌيڪ مشڪلاتن جو شڪار ٿي وئي.

ممبئي پوليس غير اخلاقي فلمون ٺاهڻ جي ڪيس ۾ اداڪارا شلپا شيٽي جي مڙس راج ڪندرا جي ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي پوليس جي ڪرائيم برانچ جي اهلڪارن شهر جي مختلف علائقن مان 4 ڄڻن کي فحش فلمن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.

گرفتار ٿيلن جي سڃاڻپ نريش رام اوتار پال، سليم سعيد، عبدالسيد ۽ امان برنوال طور ٿي آهي.

گرفتار ٿيلن مان هڪ راج ڪندرا جو ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر آهي. گرفتار  ٿيلن تي الزام آهي ته اهي ٻه، ٻه هزار رپين عيوض غير اخلاقي فلمن جي شوٽنگ ۾ شامل ٿيا هئا.

پوليس جو چوڻ آهي ته نريش رام اوتار پال هڪ اداڪارا کي غير اخلاقي فلم ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ کيس مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي هڪ بنگلي ۾ وٺي ويو، جتي ٽي ٻيا ماڻهو به موجود هئا.

واضح رهي ته ان ڪيس ۾ ڪرائيم برانچ جي ٽيم راج ڪندرا سميت 3 ڄڻن تي غير اخلاقي فلمون ٺاهڻ ۽ موبائل ايپس ذريعي رليز ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي.

راج ڪندرا کي گذريل سال پوليس گرفتار ڪيو هو پر ٻن مهينن جي حراست بعد ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.

Read Previous

اوپو خاموشي سان سستو سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو

Read Next

عدالت نور مقدم قتل ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

Most Popular