اوپو خاموشي سان سستو سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو

اوپو خاموشي سان هڪ نئون ۽ سستو سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

اوپو اي 76 کي ملائيشيا ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي ۽ اهو اينٽري ليول 4 جي فون آهي.

ان فون ۾ 6.58 انچن جي ڊسپلي 90 هرٽز جي ريفريش ريٽ سان گڏ ڏني وئي آهي جڏهن ته 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا پنچ هول ڊزائين ۾ لڪل آهي.

فون جي اندر سنيپ ڊراگون 680 پراسيسر موجود آهي.

اهڙيءَ طرح 6 جي بي ريم ۽ 8 جي بي اسٽوريج اي 76 جو حصو آهي جڏهن ته ورچوئل ريم جو فيچر به ڏنو ويو آهي جنهن سان جي بي جي گنجائش ۾ 5 جي بي تائين واڌ ٿي وڃي ٿي.

Read Previous

آسٽريليا پاڪستان دوري لاءِ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

فحش فلمن جو ڪيس: شلپا شيٽي مڙس راج ڪندرا جي ڪري وڌيڪ ڏکيائين جو شڪار

Most Popular