ملڪ غير يقيني صورتحال کان امن طرف وڃي رهيو آهي: آءِ ايس پي آر

پاڪ فوجي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊي جي ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته آپريشن رد الفساد کي اڄ پنج سال مڪمل ٿي ويا آهن.

ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن ردالفساد جو مقصد ملڪ مان دهشتگردي جوخاتمو ڪرڻ آهي ۽ ان جو واحد مقصد پاڪستان جي ماڻهن جي حفاظت آهي.

هن چيو ته ملڪ غير يقيني صورتحال کان امن طرف وڃي رهيو آهي ۽ آپريشن ردالفساد ڪاميابي سان جاري آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ردالفساد جا پنج سال مڪمل ٿيڻ تي آرمي چيف چيوآهي ته ردالفساد جون ڪاميابيون رڳو شهيدن جي رت ۽ عوام جي جذبي سان ممڪن ٿيون، اسان پنهنجن شهيدن جي عظيم قربانين ۽ قوم جي جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا.

Read Previous

عدالت نور مقدم قتل ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

Read Next

آدمشماري لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط نه هوندو: اسد عمر

Most Popular