آدمشماري لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط نه هوندو: اسد عمر

منصوبابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته آدمشماري ۾ فوج جو ڪم سيڪيورٽي جو هوندو ۽  آدمشماري لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط نه هوندو.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ مستقبل جي منصوبابندي لاءِ آدمشماري ضروري هوندي آهي، جديد ٽيڪنالوجي جي باوجود آدمشماري ڪڏهن 10، ڪڏهن 15 ورهين کان پوءِ ٿيندي آهي ۽ آدمشماري کان پوءِ الزام لڳڻ شروع ٿي ويندا آهن تنهنڪري ايتري اهم ڪم لاءِ ضروري آهي ته دنيا ۾ جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪجي.

هن چيو ته ملڪ ۾ جيتري اعتماد جي فضا بحال ٿيندي سٺا نتيجا ايندا، آدمشماري تي سڀني صوبن کان ماهر گھريا ويا هئا جڏهن ته اسيمبلي ۽ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو.

اسد عمر چيو ته آدمشماري ۾ فوج جو ڪم سيڪيورٽي جو هوندو، 10 ارب رپين جو هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر ورتو پيو وڃي، هلندڙ سال جاري خرچن لاءِ 5 ارب رکيا وياآهن.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ رهي ڪري ڪو وسيلا استعمال ڪري ته ان جي ڳڻپ ٿيندي، جيڪو فرد روزگار جي سلسلي ۾ وڃي رهي رهيو آهي ته ان جي ڳڻپ ٿيندي جڏهن ته آدمشماري جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ سان ڪو به واسطو ناهي، جيڪا ان جي بنياد تي نه ٿيندي، ان ڪري سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ناهي.

هن چيو ته آدمشماري دوران ڪرفيو لڳائڻ جو ڪو به ارادو ناهي ۽ ڪرفيو ان صورت ۾ لڳايو ويندو آهي ته جڏهن آدمشماري هڪ ئي ڏينهن هجي.

Read Previous

ملڪ غير يقيني صورتحال کان امن طرف وڃي رهيو آهي: آءِ ايس پي آر

Read Next

ماضي ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ تي گھڻو نقصان ٿيو، ڪنهن به گروپ جو حصو نه بڻجنداسين: عمران خان

Most Popular