عامر لياقت جي قوت آهي جو هو شاديون ڪري ٿو: مٿيرا

عامر لياقت جي ٽين شادي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي اهو موضوع ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيو ۽ عامر لياقت کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.

ياسر نواز، احمد علي بٽ ۽ بلال قريشي به پنهنجا ويچار ونڊيا هئا ۽ هاڻي وري اداڪارا مٿيرا به عامر لياقت ۽ دانيا شاهه جي شادي بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

مٿيرا جو چوڻ آهي ته اها عامر لياقت جي قوت ۽ پسند آهي جو هو شادي ڪرڻ چاهي ٿو، هن جي زال به ساڻس گڏ محبت سان رهي ٿي، پيار انڌو هوندو آهي ٿي ويندو آهي ته پوءِ منهنجي خيال ۾ ڪو مسئلو ناهي.

ياد رهي ته عامر لياقت حسين پنهنجي ٻي گهرواري پاران خلع جي تصديق ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي ٽين شادي جو اعلان ڪيو هو.

Read Previous

روس يوڪرين تي حملو ڪري ڏنو، 40 فوجين سميت 50 ڄڻا مارجي ويا

Read Next

سنڌ ۾ سي اين جي وري بند ڪرڻ جو اعلان

Most Popular