روس يوڪرين تي حملو ڪري ڏنو، 40 فوجين سميت 50 ڄڻا مارجي ويا

صدر ولاديمير پيوٽن طرفان يوڪرين جي اوڀر ۾ فوجي آپريشن جي حڪم کانپوءِ يوڪرين تي تخت گاهه سميت مختلف شهرن ۾ روسي فوج ميزائل هلايا ۽ فوجون لاهي ڇڏيون، جڏهن ته سڄي يوڪرين ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو آهي.

يوڪرين جي پريزيڊنسي طرفان جاري ڪيل بيان موجب روسي حملي ۾ هيل تائين 40 فوجي ۽ 10 شهري مارجي چڪا آهن، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 5 روسي جهاز ۽ هڪ هيليڪاپٽر تباهه ڪيو ويو آهي.

روسي اختيارين چيو آهي ته اسان جا زميني دستا يوڪرين جي مختلف علائقن ۾ داخل ٿي ويا آهن، جڏهن ته يوڪرين جو ايئر ڊفينس سسٽم تباهه ڪيو ويو آهي.

يوڪرين جي پرڏيهي وزير ديمتر وڪيليبا چيو ته روسي صدر يوڪرين تي حملو ڪري ڏنو، تخت گاهه ڪيف ۾ ڌماڪن جو آواز گونجندو رهيو، ولاديمير پيوٽن يوڪرين تي ڀرپور قوت سان حملو ڪيو.

هن چيو ته تخت گاهه ڪيف سميت ڪيترن ئي شهرن تي حملا ڪيا ويا آهن، دنيا پيوٽن کي روڪي، اهو عملي قدم کڻڻ جو وقت آهي، اسان هر قيمت تي پنهنجي ملڪ جو بچاءُ ڪنداسين ۽ ڪامياب ٿينداسين.

پرڏيهي ميڊيا موجب تخت گاهه ڪيف، ڊونباس، اڊيسا ماريو پول سميت يوڪرين جي مختلف شهرن ۾ ڌماڪن جو زوردار آواز اچي رهيو آهي، روسي فوج يوڪرين جي فوجي اڏن کي به ميزائل حملن جو نشانو بڻايو آهي.

Read Previous

پيڪا قانون ۾ رڳو اختلاف ڪندڙن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، ڇو نه ڪالعدم قرار ڏيون

Read Next

عامر لياقت جي قوت آهي جو هو شاديون ڪري ٿو: مٿيرا

Most Popular