سنڌ جي ناليواري بلڊر خلاف رانيپور جي شهري پاران احتجاج ، اسان جي ذاتي پلاٽن تي جعلي ڪاغذ ٺهرائي قبضا ڪيا آهن

راڻيپور ( رپروٽر ) سنڌ جي ناليواري بلڊر خلاف رانيپور جي شهري پاران احتجاج ، اسان جي ذاتي پلاٽن تي جعلي ڪاغذ ٺهرائي قبضا ڪيا آهن ، ليگل نوٽيس ڏيڻ بعد هاء ڪورٽ ۾ مون خلاف حراسمينٽ جي ڪيس داخل ٿيڻ جو انڪشاف ، مان غريب پورهيت آهيان مزدوري ڪري ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪيان پيو جان کي خطرو آهي تحفظ مهيا ڪيو وڃي ، عبدالقادر عرف خان سرڪي رپروٽ موجب راڻيپور ساجن شاه جي رهواسي عبدالقادر عرف حاجي خان سرڪي سنڌ جي ناليواري بلڊر حاجي رضا محمد بروهي ، ان جي پٽن محمد موسا بروهي محمد ادريس بروهي خلاف سٽي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي صحافيبن سان ڳالهائيندي چيو ته مان هڪ پورهيت غريب آهيان وڏي مشڪل سانن پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪري رهيو آهيان ، جڏهن ته درازه شريف لڳ پلاٽ آهي جنهن جا به راڄپر برادري سان جعلي ڪاغذ ٺاهي قبضو ڪيو جڏهن ته منهنجي گهر اڳيان به قبضو ڪري دڪان ٺهرايا آهن . جنهن خلاف ايڊوڪيٽ عبدالستار جي معرفت ليگل نوٽيس ڏنو پر جواب ڏيڻ بجاء هنن هاء ڪورٽ سکر ۾ حراسمينٽ جو ڪيس داخل ڪيو آهي ، جڏهن ته انڪوائري آفيسر انڪوائري به ڪئي آهي هن چيو ته غريب آهيان ، موت مار ڌمڪيون پيون ملن جان کي خطرو آهي عبدالقادر سرڪي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن به مونکي جاني مالي نقصان پهچي ان جي ايف آء آر حاجي رضا محمد بروهي ، ان جي پٽن ادريس بروهي ، محمد موسا بروهي ۽ سهولتڪارن خلاف ڪٽي وڃي ،

Read Previous

سنڌ ۾ سي اين جي وري بند ڪرڻ جو اعلان

Read Next

ق ليگ اپوزيشن کان پنجاب جي وڏي وزارت گھري ورتي

Most Popular