ق ليگ اپوزيشن کان پنجاب جي وڏي وزارت گھري ورتي

مسلم ليگ (ق) اپوزيشن کان پنجاب جي وڏي وزارت گھري ورتي.

ذريعن موجب پيپلز پارٽي ۽ (ق) ليگ جي اعليٰ قيادت وچ ۾ رابطو ٿيو جنهن ۾ چوڌري ڀائرن اڳوڻي صدر آصف علي زردري کي چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو.

ذريعن موجب (ق) ليگ اپوزيشن کان پنجاب ۾ وڏي وزارت گھري ورتي آهي ۽ ليگي قيادت جو چٽو موقف آهي ته ان کان گھٽ تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي.

ذريعن جو چوڻ هو ته پنجاب جي وڏ وزارت ملڻ جي صورت ۾ (ق) ليگ پنجاب ۽ مرڪز ۾ ان هائوس تبديلي جي ڪاميابي جي ضمانت ڏيڻ خاطري ڪرائي آهي.

ذريعن موجب (ق) ليگ جو چوڻ هو ته مرڪز ۾ مڪمل طور تي اپوزيشن جي حمايت ڪنداسين پر (ق) ليگ ملڪ ۾ فوري طور تي نئين چونڊن جي مخالفت ڪندي چيو ته ضروري هجي ته قومي اسيمبلي جون چونڊون ڪرايون وڃن پر صوبائي اسيمبلين جو مدو پورو ٿيڻ گھرجي.

ذريعن جو چوڻ هو ته آصف علي زرداري (ق) ليگ جي شرطن کان (ن) ليگ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ ليگي قيادت به اهم اڳواڻن سان صلاح مشورو شروع ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته حڪومت جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ اپوزِيشن جماعتن جون ڪوششون جاري آهن ۽ ان سلسلي ۾ حڪومتي اتحادين سان به رابطا ڪيا پيا وڃن.

Read Previous

سنڌ جي ناليواري بلڊر خلاف رانيپور جي شهري پاران احتجاج ، اسان جي ذاتي پلاٽن تي جعلي ڪاغذ ٺهرائي قبضا ڪيا آهن

Read Next

پيڪا قانون جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو: فواد چوڌري

Most Popular