بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ عمران خان هنن لاءِ وڌيڪ چيلينجنگ بڻجي ويندو: شيخ رشيد

وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سڀ اتهادي عمران خان سان گڏ آهن ۽ عمران خان بهادري سان اپوزيشن جي راند جو مقابلو ڪندو.

راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته سڀ مفاد پرست گڏ ٿي رهيا آهن پر بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي کان پوءِ عمران خان هنن لاءِ وڌيڪ چيلينجنگ ٿي ويندو، مفاد پرست ٽولي کي ڊپ آهي ته ڪجهه نه ٿيو ته سندن کل لهي ويندي، سندن سياسي قبر کوٽجي ويندي کين اندازو ئي نه آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته سياست ۾ خريد ۽ وڪري جو ڪاروبار شروع ٿيو ته پوءِ ٻُهارو ڦري ويندو، ضمير فورش جي پاڪستان ۾ ڪا به عزت ناهي، عمران خان جا سڀ اتحادي هن سان گڏ آهن، کپي ويندڙ ڪنهن کي شڪل ڏيکارڻ جوڳا نه رهندا.

عمران خان ۽ جهانگير ترين وچ ۾ رابطي بابت سوال تي وفاقي گھرو وزير جو چوڻ هو ته عمران خان چوچو ناهي، هو 25 ورهين کان ان راند ۾ آهي، عمران خان اهڙو سياسي ڊرون هڻندو جو اهي سياسي طور تي ختم ٿي ويندا.

سندس چوڻ هو ته عمران خان کي جهانگير ترين سان ڳالهائڻ گھرجي.

Read Previous

پيڪا قانون جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو: فواد چوڌري

Read Next

روس جي يوڪرين تي ٻئي ڏينهن به بمباري، پهرين ڏينهن 137 ڄڻا مارجي ويا

Most Popular