روس جي يوڪرين تي ٻئي ڏينهن به بمباري، پهرين ڏينهن 137 ڄڻا مارجي ويا

روس جي يوڪرين تي ٻئي ڏينهن به بمباري جاري  آهي جڏهن ته پهرين ڏينهن ٿيل ويڙهه ۾ 137 ڄڻا مارجي ويا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب يوڪرين جي راڄڌاني ۾ اڄ صبح جو به ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.

يوڪرين حڪومت جي مشير به ٻئي ڏينهن روسي حملن جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته ڪيف ۾ ڪروز ۽ بيلسٽڪ ميزائلن سان حملا جاري آهن.

يوڪريني فوج جو چوڻ آهي ته روس ڪيف جي رهائشي علائقي ۾ ميزائل حملا ڪيا جڏهن ته يوڪرين جي ايئر ڊفينس نظام روسي فوج جي 2 حملن کي تباهه ڪيو.

ڪيف جي ميئر ان حوالي سان ٻڌايو ته روسي ميزائل جو ملبو رهائشي عمارت تي ڪريو جنهن سبب 3 ڄڻا زخمي ٿيا، ميزائل جو ملبو گھر تي ڪرڻ سبب باهه لڳي وئي.

ٻي پاسي يوڪريني اختيارين ڪيف ۾ روسي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪندي چيو ته روسي جهاز ڪيف جي دارنتسڪي ضلعي ۾ ڪيرايو ويو آهي.

هوڏانهن آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين دعويٰ ڪئي آهي ته روسي فوج يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف کان 20 ميل جي مفاصلي تي پهچي وئي آهي.

يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي پنهنجي هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته روس سان پهريون ڏينهن ويڙهه ۾ 137 ڄڻا مارجي ويا.

هن چيو ته يورپ جي 27 اڳواڻن کان پڇيو ته يوڪرين نيٽو ۾ شامل ٿيندو؟ هر ڪو ڊڄي ٿو ۽ جواب نٿو ڏئي پر اسان ڊڄڻ وارا نه آهيون.

صدر زيلنسڪي جو چوڻ هو ته روس سان وڙهڻ لاءِ يوڪرين کي اڪيلو ڇڏيو ويو آهي پر اسان ڀرپور مقابلو ڪنداسين.

يوڪرين جي بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته روسي فوج جي قبضي مان ڪيف ايئرپورٽ جو ڪنٽرول ٻيهر حاصل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ عمران خان هنن لاءِ وڌيڪ چيلينجنگ بڻجي ويندو: شيخ رشيد

Read Next

جهانگير ترين تحريڪ انصاف ۾ ئي آهي: شبلي فراز

Most Popular