اکين جي ڳاڙهاڻ کي معمولي نه سمجهو، ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

گھڻن ماڻهن جون اکيون عام طور تي ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن جنهن بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي ڪنهن بيماري جي علامت به ٿي سگھن ٿيون.

مٽي، سمارٽ فون ۽ ڀرپاسي جو ماحول رڳو اسان جي جسماني صحت تي اثر ناهي وجهندو پر اکين کي به متاثر ڪندو آهي، ڪيترن ئي ماڻهن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن جن جو واسطو عام طور تي مٿي ڄاڻايل سبب سان جوڙيندي گھريلو ٽوٽڪن سان علاج جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.

ڊاڪٽرن جي راءِ آهي ته جيڪڏهن اوهان جون اکيون ڳاڙهيون ٿي رهيون آهن ته دير ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن اکين جي ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو ڇو جو اها ڪنهن خطرناڪ بيماري جي شروعاتي علامت به ٿي سگھي ٿي.

ماهرن موجب اکين جو ڳاڙهيو ٿيڻ گلوڪوما جنهن کي ”ڪاري موتيا“ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي جي به علامت سمجهي ويندي آهي جي سڄي دنيا ۾ نابين ٿيڻ ۽ جزوي طور تي نظر جي خراب ٿيڻ جو هڪ اهم سبب آهي.

ته جيڪڏهن اوهان کي اکين جي ڳاڙهاڻ سان گڏ سور، اکين مان پاڻي وهڻ ۽ مٿي جي سور جهڙيون علامتون محسوس ٿين ته دير ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن سٺي اکين جي ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اکين ۾ ڳاڙهاڻ ۽ سوڄ عام طور تي ماحول سبب اکين ۾ انفيڪشن پيدا ٿيندو آهي، ان انفيڪشن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اکين جي پنبڻين جي اندر ڳاڙها داڻا نڪرندا آهن جنهن سبب اکين ۾ ڳاڙهاڻ ۽ جلن محسوس ٿيندي آهي. اهڙي صورت ۾ اکين کي تازي پاڻي سان ڌوئڻ سان گڏ ڪنهن سٺي ماهر کان مئانو ڪرائڻ گھرجي.

ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته اکين ۾ سوڄ ۽ ڳاڙهاڻ سبب ايلرجي به ٿي سگھي ٿي. ان ڪري متاثر شخص کي ايلرجي جو سبب بڻجندڙ هر شيءِ کان پاڻ کي پري ڪرڻ گھرجي ۽ اينٽي ايلرجي دوا استعمال ڪرڻ گھرجي.

پرسڪون ننڊ نه ڪرڻ يا ننڊ جي کوٽ ۽ منشيات جو استعمال به اکين ۾ سوڄ ۽ ڳاڙهاڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو ان ڪري منشيات ڇڏي وڃي ڀرپرو ننڊ لاءِ پنهنجي زندگي جي معمولن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.

Read Previous

اڳوڻي مس يوڪرين به ملڪ جي دفاع لاءِ هٿيار کڻي ورتا

Read Next

عمران خان، آصف زرداري جي جوتي برابر ناهي: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular