مهانگائيءَ جي ماريل عوام کي بجليءَ جو وڏو جهٽڪو لڳي ويو

ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي اڳ ئي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، مٿان وري نيپرا بجلي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي عوام کي وڏو جهٽڪو هڻي ڇڏيو آهي.

نيپرا چيئرمين جي سربراهي ۾ بجلي اگهن ۾ واڌ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي اگهن ۾ 6 رپيا 10 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي.

نيپرا چيئرمين پڇيو ته جنوري ۾ ايل اين جي گهٽ، جڏهن ته ڊيزل ۽ فرنس آئل وڌيڪ استعمال ڇو ٿيو؟ اختيارين جواب ڏنو ته گهرج جي ڀيٽ ۾ ايل اين جي جي فراهمي تمام گهٽ هئي.

نيپرا چيئرمين توصيف فاروقي چيو ته هن مهيني انڊسٽري 16 سيڪڙو وڌيڪ بجلي استعمال ڪئي آهي، جيڪڏهن ڊگهي مدي جي معاهدن سان ايل اين جي وڌيڪ ايندي آهي ته ايڏو بار ڪيئن پوندو آهي؟

نيپرا ٻڌڻي کانپوءِ بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا 94 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ بجلي واهپيدارن تي 5 8 ارب رپين جو واڌو بار پوندو، جڏهن ته اهو بار لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدار برداشت نه ڪندا.

نيپرا اختيارين چيو ته جنوري ۾ ايل اين جي جي گهٽتائي سان 7 ارب 74 ڪروڙ رپين جو بار پيو، ان سان واهپيدارن تي 92 پئسا في يونٽ جو واڌو بار پيو، جيڪڏهن سولر ۽ ونڊ وارا سائسنس يافته پلانٽ هلن ها ته هڪ رپيو وڌيڪ گهٽتائي ٿئي ها.

Read Previous

عمران خان، آصف زرداري جي جوتي برابر ناهي: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

آسٽريلوي رانديگر کي ڀارت مان ڌمڪين تي پي سي بي جو ردعمل اچي ويو

Most Popular