آسٽريلوي رانديگر کي ڀارت مان ڌمڪين تي پي سي بي جو ردعمل اچي ويو

پاڪستان دوري تي آيل آسٽريلوي رانديگر جي خاندان کي ڌمڪيون ڏيڻ جي معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ردعمل به اچي ويو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب ڪرڪيٽ آسٽريليا سوشل ميڊيا جي هڪ پوسٽ کان مڪمل باخبر آهي، ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ سيڪيورٽي ايجنسين پوسٽ جي نوعيت ۽ ڪنٽينٽ جي جاچ ڪئي.

پي سي بي چيو آهي ته ان قسم جي سوشل ميڊيا سرگرمي لاءِ گڏيل سيڪيورٽي پلان ترتيب ڏنا ويا آهن، ان حوالي سان ڪو خطرو ناهي ۽ وڌيڪ تبصرو نه ڪيو ويندو.

واضح رهي ته پاڪستان جي دوري تي آيل آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل رانديگر جي گهر ڀاتين کي ڀارت مان سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون مليون آهن.

سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته 24 سالن کانپوءِ پاڪستان ايندڙ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي هڪ ميمبر جي خاندان کي انسٽاگرام تي ڌمڪيون ڏنيون ويون.

ذريعن موجب آسٽريلوي رانديگر کي پاڪستان ۾ کيڏڻ تي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، ڌمڪيون انسٽاگرام تي جعلي اڪائونٽjyot.isharma391  تان ڏنيون ويون.

سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌمڪين ۾ ڀارتي رياست گجرات جو مرائدل تيواڙي نالي سان شخص ملوث آهي، هو گجرات ۾ آءِ ايم سي لميٽيڊ انوائرنمينٽل، هيلٿ ۽ سيفٽي آفيسر آهي، جنهن جي اي ميل ايڊريس mridul.tiwari07@gmail.com ۽ موبائل فون نمبر 00917060185885  آهي.

Read Previous

مهانگائيءَ جي ماريل عوام کي بجليءَ جو وڏو جهٽڪو لڳي ويو

Read Next

روس – يوڪرين ڇڪتائڻ تي چين جو اهم بيان سامهون اچي ويو

Most Popular