وزيراعظم سان آرمي چيف جي ملاقات

وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ملاقات ڪئي آهي.

ذريعن موجب ملاقات دوران پاڪ فوج جي پيشيوراڻن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن ٻڌايو ته ملاقات ۾ قومي سلامتي بابت معاملن تي به مشاورت ڪئي وئي.

Read Previous

روس – يوڪرين ڇڪتائڻ تي چين جو اهم بيان سامهون اچي ويو

Read Next

وزيراعظم اڄ پيٽرول 10 رپيا سستو ڪرڻ جو اعلان ڪندو: پرويز خٽڪ

Most Popular