روس – يوڪرين ڇڪتائڻ تي چين جو اهم بيان سامهون اچي ويو

توڙي جو چين روس جو اتحادي ملڪ آهي پر يوڪرين معاملي تي ان وچٿرو بيان ڏنو آهي.

چين روس ۽ يوڪرين کي چيو آهي ته ڳالهين ذريعي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوشش ڪيو.

چين روس جو اتحادي آهي ۽ جمعي ڏينهن هو روس خلاف مذمتي ٺهراءَ ۾ ووٽنگ دوران به سلامتي ڪائونسل مان غير حاضر رهيو هو.

چين اهو به چئي چڪو آهي ته روس جي ڌيان جوڳي سيڪيورٽي مطالبي کي به ٻڌڻ گهرجي پر بيجنگ حڪومت يوڪرين جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي نظر رکيو پئي اچي ۽ اڃا تائين پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ گهڻي حد تائين متوازن وريو اختيار ڪيو اٿائين.

Read Previous

آسٽريلوي رانديگر کي ڀارت مان ڌمڪين تي پي سي بي جو ردعمل اچي ويو

Read Next

وزيراعظم سان آرمي چيف جي ملاقات

Most Popular