حڪومت مخالف مارچ ۾ شريڪ شيري رحمان وڏي حادثي کان ذري تان بچي وئي

پيپلز پارٽي جي وفاقي حڪومت خلاف مارچ ۾ شريڪ سينيٽر شيري رحمان وڏي حادثي کان ذري تان بچي وئي.

بلاول ڀٽو زرداري لاءِ خاص ٽرڪ ۾ سوار شيري رحمان ٽرڪ تي بيٺي هئي ته اوچتو اوور هيڊ برج ۾ لڳندي لڳندي بچي وئي.

شيري رحمان ۽ اوور هيڊ برج ۾ ڪجهه انچن جو فاصلو هو ته هڪ شخص تڪڙ ۾ کيس پڪڙي هيٺ ويهاري ڇڏيو ۽ هوءَ حادثي کان بچي وئي.

Read Previous

وزيراعظم اڄ پيٽرول 10 رپيا سستو ڪرڻ جو اعلان ڪندو: پرويز خٽڪ

Read Next

وزيراعظم جو پيٽرول ۽ ڊيزل 10-10 رپيا سستو ڪرڻ جو اعلان

Most Popular