فيصل واوڊا جي خالي سيٽ تي چونڊ روڪڻ جي اپيل رد

FEDERAL MINISTER FOR WATER RESOURCES, MUHAMMAD FAISAL VAWDA ADDRESSING A PRESS CONFERENCE IN ISLAMABAD ON OCTOBER 22, 2018.

سپريم ڪورٽ اڳوڻي سينيٽر فيصل واوڊا جي خالي سيٽ تي سينيٽ چونڊون روڪڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ فيصل واوڊا نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت 9 مارچ تي اڳوڻي وفاقي وزير جي خالي سيٽ تي اليڪشن روڪڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊيل نمائندن کي تاحيات نااهل قرار ڏئي سگهي ٿي يا نه ان تي وضاحت ضروري آهي، اليڪشن ڪميشن جڊيشل اختيار ڪنهن حد تائين استعمال ڪري سگهي ٿي، ان جو فيصلو ضروري آهي.

سپريم ڪورٽ چيو ته اهو پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي، اليڪشن ڪميشن جي اختيارن جي دائري کي ڏسڻو پوندو، 9 مارچ تي ٿيندڙ سينيٽ چونڊ جو نتيجو عدالتي فيصلي سان مشروط هوندو.

Read Previous

ڪي اليڪٽرڪ جو ڪراچي واسين تي بجلي ڪيرائڻ جو سانباهو

Read Next

سارا علي ڇا مان ڇا ٿي وئي؟ ڏسي توهان کي به حيراني ٿيندي

Most Popular