ڪي اليڪٽرڪ جو ڪراچي واسين تي بجلي ڪيرائڻ جو سانباهو

ڪي اليڪٽرڪ نيپرا کي بجلي مهانگائي ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي.

ڪي اليڪٽرڪ جنوري جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ بجلي 3 رپيا 40 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي.

ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته نيشنل گرڊ سان بجلي مهانگي پئي، گئس ۽ ايل اين جي ۾ گهٽتائي سبب فرنس آئل جو استعمال ڪرڻو پيو، جڏهن ته سئي سدرن بهتر گئس پريشر لاءِ ڪجهه نه پئي ڪري.

ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي نيپرا چيئرمين چيو ته ڪي اليڪٽرڪ سوئي سدرن جا 142 ارب ڇو نه ڏنا؟ مختلف ايڊجسٽمينٽ کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ جي واڌ 2 رپيا 90 پئسا في يونٽ ٺهندي.

هن چيو ته وزيراعظم في يونٽ بجلي 5 رپيا سستي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان تي ڪيئن عمل ٿيڻو آهي هڪ ٻه ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو، ان معاملي تي توانائي واري وزير ۽ سيڪريٽري پاور سان ڳالهائينداسين.

Read Previous

روس جي تازي حملي ۾ 70 کان وڌيڪ يوڪريني فوجي مارجي ويا

Read Next

فيصل واوڊا جي خالي سيٽ تي چونڊ روڪڻ جي اپيل رد

Most Popular