اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ننڍي عمر ۾ شادي بابت اهم فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ننڍي عمر ۾ شادي بابت اهم فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻارن جي شادين بابت قانون واضح ڪري ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار تفصيلي فيصلو جاري ڪيو آهي.

عدالت موجب 18 ورهين کان ننڍي عمر جي ڇوڪري پاڻ شادي نٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي ان جا وارث سندس شادي ڪرائي سگهن ٿا.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته حياتياطي طور تي بالغپڻي جي عمر 18 سال آهي، رڳو جسماني تبديلين تي 18 سالن کان اڳ قانوني طور تي بالغپڻو ناهي ٿيندو.

عدالت مسلم فيملي لاز آرڊيننس ۾ وضاحت نه هجڻ تي معاملو ڪابينا ڊويزن ۽ پارليامينٽ سامهون رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 16 ورهين جي سويرا فلڪ شير کي واپس ماءُ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ايس ايڇ او گولڙا دارالامان مان ڇوڪري واپس ماءُ جي حوالي ڪري.

واضح رهي ته ڇوڪري جي ماءُ ممتاز بي بي مئي 2021 ۾ ڌيءَ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو، جڏهن ته ڇوڪري مرضيءَ سان شادي جو بيان ڏنو هو.

ڇوڪري جي ماءُ ڌيءَ جي آزادي لاءِ عدالت ۾ درخواست ڏني هئي، جنهن تي فيصلو ٻڌايو ويو.

Read Previous

سارا علي ڇا مان ڇا ٿي وئي؟ ڏسي توهان کي به حيراني ٿيندي

Read Next

واٽس ايپ جا واهيپدارن لاءِ انتهائي اهم فيچر متعارف

Most Popular