فنڪارن تي تنقيد: مهوش حيات سوشل ميڊيا واهپيدارن تي ڪڙڪي پئي

ناليواري اداڪارا مهوش حيات چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ناڪاري خبرون پکيڙڻ وارن لاءِ دعا ئي ڪري سگهجي ٿي.

تازو ئي هڪ انٽرويو دوران ورسٽائل ٽي وي ۽ فلمي اداڪارا مهوش حيات چيو ته اها ڳالهه درست آهي ته فنڪار پبلڪ پراپرٽي هوندو آهي پر فنڪار جي به پرائيويٽ زندگي هوندي آهي، سندس شريڪ حيات به هوندو آهي، پيارا مائٽ ۽ دوست به هوندا آهن.

هن چيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي مرضي لاءِ ٻين کي نقصان پهچائين ٿا، انهن جو هڪ نه هڪ ڏينهن احتساب ٿيندو، خبر ناهي ته ماڻهو سوشل ميڊيا کي استعمال ڪري ٻين جو پٽڪو ڇو لاهين ٿا.

سندس چوڻ هو ته ڪنهن کي به حق نه آهي ته هو پنهنجي اطمينان لاءِ ٻين بابت ناڪاري راءِ جو اظهار ڪري، مثبت تنقيد ۽ منفي راءِ ۾ وڏو فرق آهي ۽ ماڻهو ان کان چڱيءَ ريت واقف آهن.

Read Previous

هاڻي نڪاح مهل گهوٽ ڪنوار کي ختم نبوت صه تي ايمان جو حلف ڏيڻو پوندو

Read Next

اهڙو موبائيل فون اچي ويو، جيڪو اڳ ڪنهن نه ٺاهيو هو

Most Popular