چانگ گمبٽ ڀرسان صوبيدار جي پٽ جو پورھيت مٿان تشدد متاثرن جو گمبٽ ميڊياسينٽر تي احتجاج

گمبٽ رپورٽ احسان علي چانگ گمبٽ ڀرسان صوبيدار جي پٽ جو پورھيت مٿان تشدد متاثرن جو گمبٽ ميڊياسينٽر تي احتجاج اڀ ڏاڙيندڙ دانھون خبرموجب گمبٽ جي ڳوٺ ابوبڪر سولنگي جي رھواسين سولنگي برادري جي ماڻھن گمبٽ ۾ صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي ته ٺٽي واسي صوبيدار محمد علي ناريجو جي پٽ فرحان ناريجو مھتاب ناريجو سعيد ناريجو جن بلاجواز پورھيت ارشاد سولنگي کي ھراسان ڪري ڪمند جي فصل ۾ وڻ سان ٻڌي تشدد ڪيو آھي اھڙي ناجائزي خلاف ارشاد سولنگي امتياز سولنگي ماجد سولنگي ۽ ٻين گمبٽ ۾ صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي ته بااثرن ماڻھن بلاجواز اسان پورھيت مٿان تشدد ڪري کيس ڪمند جي فصل ۾ زبردستي وڻ سان ٻڌي ڇڏيو ھيو ھنن چيو ته وارثن جي دانھن تي کيس آزاد ڪيو ويو آھي ھنن اعلٰا اختيارين ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيوآھي ته بااثر اي ايس آءِ جي پٽ ۽ سندس ساٿين خلاف قانوني قدم کڻي اسان غريبن کي انصاف ڏنو وڃي

Read Previous

صحافتي تنظيمن جو پيڪا آرڊيننس خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو

Read Next

آمنا الياس بولڊ تصوير جاري ڪري ڇڏي، مداحن جي تنقيد

Most Popular