روسي فوج يوڪرين جي پهرئين وڏي شهر تي قبضو ڪري ورتو

يوڪريني اختيارين تصديق ڪئي آهي ته روسي فوجي ڏکڻ يوڪرين جي بندرگاهي شهر خيرسون تي قبضو ڪري ورتو آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته روسي فوجي شهر جي سڀني حصن ۾ موجود آهن.

ٻه لک 90 هزار آبادي وارو اهو شهر روس جي قبضي هيٺ يوڪريني علائقي ڪريميا کان گهڻو پري ناهي.

هڪ هفتو اڳ ٿيل حملي کانپوءِ اهو پهريون وڏو شهر آهي، جنهن تي روس ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي.

بندرگاهي شهر ماريوپول به روسي فوج طرفان شديد گولاباري سان متاثر آهي، گڏوگڏ ڪيف تي به شديد حملن جو سلسلو جاري آهي پر مزاحمت سبب روسي فورسز جي اڳڀرائي سست آهي.

Read Previous

پنڊي ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن پاڪستان جي نانءِ، هڪ وڪيٽ تي 245 رنسون

Read Next

ماهرا خان جي جوتن جي قيمت ڄاڻي توهان جا هوش اُڏي ويندا!

Most Popular