پنڊي ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن پاڪستان جي نانءِ، هڪ وڪيٽ تي 245 رنسون

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا خلاف راولپنڊي ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي راند جي پڄاڻي تائين هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 245 رنسون ٺاهي ورتيون.

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ تاريخي سيريز جي شروعات راولپنڊي کان ٿي وئي آهي، جتي قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

پاڪستان طرفان امام الحق ۽ عبدالله شفيق اننگز اوپن ڪئي ۽ ٻنهي بهترين راند جو مظاهرو ڪندي ٽيم لاءِ 105 رنسن جي اوپننگ ڀائيواري قائم ڪئي پر کاتي جي وقفي کان هڪ اوور اڳ ۾ نيٿن ليون، عبدالله شفيق کي 44 جي افرادي اسڪور تي پويلين موٽائي ڇڏيو.

Read Previous

پشاور ڌماڪو: وزيراعظم سميت حڪومتي ۽ اپوزيشن اڳواڻن جي مذمت

Read Next

روسي فوج يوڪرين جي پهرئين وڏي شهر تي قبضو ڪري ورتو

Most Popular