شين وارن جي موت جي جاچ جو اعلان

ليجنڊ ڪرڪيٽر شين وارن جي موت جو سبب ڄاڻڻ لاءِ ٿائيلينڊ پوليس جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

شين وارن گذريل ڏينهن ٿائيلينڊ جي علائقي ڪوساموي ۾ پنهنجي ولا مان مئل حالت ۾ هٿ آيو ۽ سندس ترجمان جو چوڻ هو ته وارن جو لاڏاڻو دل بند ٿيڻ سبب ٿيو، ميڊيڪل ٽيم کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهي.

ان معاملي تي هاڻ رائل ٿائي پوليس جاچ جو اعلان ڪيو آهي.

ٿائيلينڊ جي رائل پوليس موجب شين وارن جي موت کي شڪي سمجهي رهيا آهيون، ان حوالي سان مڪمل جاچ ڪنداسين، شين وارن جي دوستن جو بيان رڪارڊ ڪيو ويندو ۽ گڏوگڏ ولا جي فرانزڪ به ڪئي ويندي.

Read Previous

ماهرا خان جي جوتن جي قيمت ڄاڻي توهان جا هوش اُڏي ويندا!

Read Next

روس تي اولهه پابنديون، پيوٽن خبردار ڪري ڇڏيو!

Most Popular