روس تي اولهه پابنديون، پيوٽن خبردار ڪري ڇڏيو!

روسي صدر ولاديمير پيوٽن خبردار ڪيو آهي ته روس تي اولهه پابنديون جنگ جي اعلان جهڙيون آهن.

پنهنجي بيان ۾ پيوٽن چيو ته يوڪرين تي نو فلاءِ زون مڙهڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي نيٽو جو ان جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ طور ڏٺو ويندو.

واضح رهي ته 11 ڏينهن اڳ روس جي يوڪرين تي حملي کانپوءِ اولهه ملڪن روس تي پابنديون لاڳو ڪيون آهن.

انهن پابندين روسي ڪرنسي روبل جو قدر ڪيري ڇڏيو آهي ۽ روسي مرڪزي بئنڪ کي وياج جي شرح ٻيڻي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

پيوٽن چيو ته اسان کي يقين آهي ته پنهنجي فوجي ڪارروائي جا سمورا هدف حاصل ڪنداسين.

هن اهو به چيو ته اسان جو روس ۾ مارشل لا لڳائڻ جو ڪو منصوبو ناهي.

Read Previous

شين وارن جي موت جي جاچ جو اعلان

Read Next

نديم افضل چن ٻيهر پ پ ۾ شامل ٿي ويو

Most Popular