اسان توهان جا غلام آهيون جو جيڪو چوندئو ڪنداسين: وزيراعظم جي يورپي يونين تي تنقيد

عمران خان

وزيراعظم عمران خان ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ آئيني ترميم آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ميلسي ۾ جلسي سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته قومي اسيملبي ۾ جلد ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جي آئيني ترميم آڻينداسين ۽ هاڻ ڏسون ته پ پ ۽ ن ليگ اسان جي حمايت ڪن ٿيون يا نه، سڀني کي خبر پئجي ويندي.

هن چيو ته عمران خان اڄ تائين ڪنهن جي سامهون نه جهڪيو آهي ۽ جيستائين جيئرو آهيان، پنهنجي قوم کي به ڪنهن جي سامهون جهڪڻ نه ڏيندس، ماضي جي حڪمرانن کي ڪو شرم نه آيو، جڏهن ڊرون حملن ۾ اسان جي شهري مري رهيا هئا، اهي ٻئي ڦورو نه ڳالهائي رهيا هئا، ڇو ته انهن کي ٻاهرين ملڪ پنهنجي پئسي جي ڳڻتي هئي.

سندس چوڻ هو ته اسان ڪنهن سان دشمني نٿا چاهيون، سڀني سان دوستي چاهيون ٿا، روس، آمريڪا، چين، يورپي يونين سڀني سان دوستي چاهيون ٿا، چاهيون ٿا ته روس – يوڪرين ۾ جنگبندي ٿئي ته جيئن ماڻهن جو نقصان نه ٿئي، جنگ ۾ ڪنهن جو ساٿ نه ڏينداسين پر امن ۾ سڀني جو ساٿ ڏينداسين.

وزيراعظم چيو ته مان يورپي يونين کان پڇان ٿو ته جيڪو خط توهان اسان کي لکيو آهي، ڇا اهو توهان ڀارت کي به لکيو آهي؟ ماضي ۾ نيٽو جو ساٿ ڏيڻ سان پاڪستان کي ڇا مليو؟ 80 هزار ماڻهن جون زندگيون ويون ۽ ملڪ کي 100 اربن کان وڌيڪ نقصان ٿيو، ڇا يورپي سفيرن اسان جا ٿورا مڃيا؟ افغان جنگ ۾ جڏهن اسان توهان سان گڏ بيٺاسين ته ڇا توهان اسان جا ٿورا مڃيا؟ پر توهان ته اسان کي پنهنجي ناڪامي جو ذميوار قرار ڏنو، جڏهن ڀارت ڪشمير ۾ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ڇا توهان ڀارت سان رابطو ٽوڙيو؟ واپار بند ڪيو؟ ڀارت تي تنقيد ڪئي؟ ڇا اسان توهان جا غلام آهيون جو توهان جيڪو چوندئو اسان ڪنداسين.

Read Previous

نديم افضل چن ٻيهر پ پ ۾ شامل ٿي ويو

Read Next

سلمان شادي جو اعتراف ڪري ورتو

Most Popular