نديم افضل چن ٻيهر پ پ ۾ شامل ٿي ويو

وزيراعظم عمران خان جو اڳوڻو خاص مددگار نديم افضل چن تحريڪ انصاف جو ساٿ ڇڏي ٻيهر پ پ ۾ شامل ٿي ويو.

بلاول ڀٽو زرداري پ پ قيادت سان گڏ لاهور ۾ نديم افضل چن جي گهر پهتو، جتي سندس اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو ويو.

ان موقعي تي نديم افضل چن تحريڪ انصاف سان پنهنجا رستا ڌار ڪندي ٻيهر پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ڪجهه مجبورين سبب غلط فيصلو ڪيو هو، پنهنجي گهر موٽي آيو آهيان، جنهن جي خوشي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري، نديم افضل چن کي پارٽي ۾ واپسي تي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته هاڻ اسان آخري ساهه تائين گڏ رهنداسين.

Read Previous

روس تي اولهه پابنديون، پيوٽن خبردار ڪري ڇڏيو!

Read Next

اسان توهان جا غلام آهيون جو جيڪو چوندئو ڪنداسين: وزيراعظم جي يورپي يونين تي تنقيد

Most Popular