بي اعتمادي وزيراعظم لاءِ اطمينان جي رٿ بڻجي ويندي: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ وزيراعظم لاءِ اطمينان واري رٿ بڻجي ويندي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد اپوزيشن کي بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو چئلينج ڏيندي چيو ته اهي ماڻهو گذريل ٻن مهينن کان رڙيون ڪري رهيا آهن، ڪيو نه اجلاس ۽ آڻيو ريڪوزيشن.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڳ اهي ماڻهو چوندا هئا ته هو نيوٽرل ناهن پر هاڻ اپوزيشن وارا به چئي رهيا آهن ته هو نيوٽرل آهن ته کين مبارڪ پر دنيا ۾ ڪا شئي نيوٽرل ناهي هوندي.

سندس چوڻ هو ته شڪست اپوزيشن جو مقدر آهي، جيئن بينظير ڀٽو کي 12 ووٽن سان شڪست ٿي هئي، ايترن ئي ووٽن سان انهن کي به شڪست ٿيندي ۽ بي اعتمادي رٿ وزيراعظم لاءِ اطمينان جي رٿ بڻجي ويندي.

شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن وٽ اڃا تائين مستقبل جي حوالي سان به پلان ناهي، معنيٰ اهي ملڪ ۾ هڪ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت آڻڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن ائين ٿيو ته اهو ملڪ لاءِ وڏن مسئلن جو سبب بڻجندو.

Read Previous

سلمان شادي جو اعتراف ڪري ورتو

Read Next

وزيراعظم پنهنجي صلاحڪارن کي محتاط رکي: پرويز الاهي

Most Popular