وزيراعظم پنهنجي صلاحڪارن کي محتاط رکي: پرويز الاهي

پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي وزيراعظم کي پنهنجي صلاحڪارن کي محتاط رکڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي.

پنهنجي بيان ۾ ق ليگ اڳواڻ پرويز الاهي چيو ته وزيراعظم جا صلاحڪار غلط بياني سان حڪومت ۽ ميڊيا ۾ ڏار پيدا ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته تحريڪ انصاف ميمبرن کي ميڊيا ۾ وڃڻ کان روڪڻ جا اطلاع آهن، تحريڪ انصاف طرفان پنهنجي ميمبرن کي مخصوص ٽي وي چئنلن ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي معاملي تي ڳڻتي آهي، ائين تحريڪ انصاف پنهنجو نظريو عوام سامهون نه رکي سگهندي.

سندس چوڻ هو ته اظهار جي آزادي جمهوريت جو حسن آهي، وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ قيادت کان فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪيون ٿا.

پرويز الاهي حڪومت طرفان ڪجهه اخبارن ۽ ميڊيا هائوسز جا اشتهار بند ڪرڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اشتهارن تي پابندي ظاهري طور پيڪا آرڊيننس کي نظر ۾ رکندي لڳائي وئي آهي، سرڪاري اشتهار عوام جو پئسو آهن، انهن کي مخصوص اخبارن ۽ چئنلن کي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي.

هن چيو مون کي حيراني آهي ته تحريڪ انصاف طرفان ميڊيا هائوسز کي ڇو نشانو بڻايو پيو وڃي، وزيراعظم مون کي ميڊيا هائوسز ۽ حڪومت وچ ۾ پيڪا آرڊيننس جي حوالي سان معاملا حل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي.

Read Previous

بي اعتمادي وزيراعظم لاءِ اطمينان جي رٿ بڻجي ويندي: شيخ رشيد

Read Next

اسمارٽ فون عورتن جي خوبصورتي جو دشمن

Most Popular