واٽس ايپ جا ٽي نوان فيچرز ڪهڙا هوندا؟

واٽس ايپ سڄي دنيا ۾ مقبول ميسيجنگ ايپليڪشن آهي ۽ هاڻي هن وڌيڪ نون فيچرز تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

واٽس ايپ بيٽا انفو جي رپورٽ موجب ايپ جي نئين فيچر ڪميونٽي کي ٻين گروپس کان وڌيڪ اثرائتو ۽ بهتر بڻائڻ تي ڪم هلي رهيو آهي.

واٽس ايپ کولڻ تي ساڄي پاسي کان ڪميونٽي گروپ جو نشان موجود هوندو ۽ ان تي ڪلڪ ڪري اوهان سڀئي گروپ ڏسي سگهندا.

واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ هڪ ٻئي فيچر ري ايڪشن نوٽيفڪيشن تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن فيچر تحت هاڻي واهپيدارن کي پيغام ملڻ تي ري ايڪشنز بابت به پتو پوندو.

ٽيون فيچر آهي پولز، پوليس جي سهولت فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي ته آهي پر هاڻي ان کي ڪمپني طرفان واٽس ايپ ۾ متعارف ڪرائڻ تي ڪم جاري آهي.

Read Previous

همراهه جي مهوش حيات کي پٺيان ڇُهڻ جي ڪوشش، ويڊيو وائرل

Read Next

پي ٽي آءِ جون ڪيتريون ئي وڪيٽون ڪِري پيون، عليم خان ساٿين سوڌو ترين گروپ ۾ شامل

Most Popular