پي ٽي آءِ جون ڪيتريون ئي وڪيٽون ڪِري پيون، عليم خان ساٿين سوڌو ترين گروپ ۾ شامل

تحريڪ انصاف جي ڪاوڙيل اڳواڻ عليم خان ترين گروپ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سياسي صورتحال ۽ بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان تحريڪ انصاف جي ڪاوڙيل اڳواڻ جهانگير ترين اڄ لاهور ۾ اهم مشاورتي اجلاس طلب ڪيو هو، اجلاس جهانگير ترين جي رهائشگاهه تي ٿيو، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيئر اڳواڻ عليم خان سميت صوبائي اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته جهانگير ترين لنڊن مان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ 3 صوبائي وزيرن سميت مجموعي طور تي پنجاب جا 19 ميمبر شريڪ ٿيا، ايم اين ايز کي اڄوڪي اجلاس ۾ دعوت نه ڏني هئي، انهن جو اجلاس ڌار طلب ڪيو ويندو.

اڄوڪي اجلاس ۾ نعمان لنگڙيال، اجمل چيما، عبدالحئي دستي، لاله طاهر رنڌاوا، خرم لغاري، چوڌري ياسين، ميان عبدالرئوف، ميان عمران جاويد ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

اجلاس کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي عليم خان جهانگير ترين گروپ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

هن چيو ته جهانگير ترين تحريڪ انصاف لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون پر ان سميت سڀني جون قربانيون وساريون ويون.

Read Previous

واٽس ايپ جا ٽي نوان فيچرز ڪهڙا هوندا؟

Read Next

حالتون تيزيءَ سان حڪومت جي هٿ مان نڪري رهيون آهن: پرويز الاهي خبردار ڪري ڇڏيو

Most Popular