ڪپتان هر وقت تيار رهندو آهي، جيستائين جيئرو آهيان اين آر او نه ڏيندس: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر اپزويشن کي چيلينج ڪندي چيو آهي ته چورن جو ٽولو ڪجهه به ڪري مان تيار آهيان.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جن ملڪن ۾ غربت آهي، اتي طاقتور چوري ڪري بچي وڃي ٿو ۽ ڪمزور جيل ۾ وڃي ٿو، انهن ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني ناهي، اهي غريب ملڪ وسيلن سان ڀريا پيا آهن پر اتي قانون جي حڪمراني ناهي، طاقتور لنڊن ۾ محل خريد ڪري سگهن ٿا پر ننڍو چور مينهن ۽ موٽر سائيڪل چوري ڪري ڪيترو نقصان ڪري ٿو؟ اهو جيل هليو ٿو وڃي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته چين ساڍا چار سئو وزيرن کي جيلن ۾ وڌو، ان لاءِ مٿي آيو، اسان جي جنگ حقن جي جنگ آهي، عورتن ۽ ڪمزور طبقي جي حقن جي جنگ آهي، ان لاءِ جيستائين جيئرو آهيان هنن کي اين آر او نه ڏيندس، جهاد ڪندس، ان ۾ منهنجي ملڪ جي بهتري آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته الله مون کي دنيا ۾ ٽاپ پنج ڪپتانن مان رکيو هو، دنيا جي تاريخ ۾ منهنجو به نالو آهي، ياد رکو ڪپتان جڏهن ميچ کيڏندو آهي ته هو پنهنجي مخالف جي هر شئي لاءِ تيار هوندو آهي، جيڪڏهن هو ٽاس کٽيندو ته مان ڇا ڪندس، مان ٽاس کٽيندس ته هو ڇا ڪندو، هو رنز تيز ٺاهيندو ته مان ڪهڙو بال ڪرائيندس، ان لاءِ ڦورن جو گلدستو ۽ چورن جو ٽولو ڪهڙي به ڪوشش ڪري، جيڪا به پلاننگ ڪري، هي جيڪو به ڪندا مان ان لاءِ تيار آهيان.

Read Previous

عثمان بوزدار عهدو ڇڏڻ لاءِ تيار، نئون وڏو وزير ڪير هوندو؟

Read Next

اپوزيشن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

Most Popular