پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته وزيراعظم کي ڪڍڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ هاڻ ڪنهن شريف انسان کي عمران خان جي جاءِ تي وزيراعظم آڻينداسين.
اسلام آباد ۾ لانگ مارچ سان خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته پنهنجي دشمنن ۽ پيار ڪندڙن کي به سڃاڻان ٿو، عمران خان کي گهر موڪلڻ جو وقت اچي ويو آهي.
هن چيو ته اسان عوام جي غريبي ۽ ڏکيائين کي ختم ڪنداسين، مهانگائي ختم ڪنداسين ۽ عوام کي سڪون فراهم ڪنداسين.
ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊي چوڪ تي پهچي عوام کي خوشخبري ڏينداسين.
هوڏانهن اپوزيشن جماعتن وزيراعظم کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.