حددخلين جو آزار وڌي ويو ٽرئفڪ جام ٿيڻ معمول بڻيل ماڻهو مشڪلاتن جو شڪار

ٿاڻوبولاخان( رپورٽ : راشد نواز منڱڻھار )ٿاڻوبولاخان ۾ اينٽي انڪروچمينٽ جي بي ڌياني سبب ٿاڻوبولاخان شھر ۾ حددخلين جو آزار وڌي ويو ٽرئفڪ جام ٿيڻ معمول بڻيل ماڻهو مشڪلاتن جو شڪار، رپورٽ موجب ٿاڻوبولاخان شھر ۾ اينٽي انڪروچمينٽ جي بي ڌياني سبب ٿاڻوبولاخان شھر جي مختلف چوڪن ۽ روڊ رستن تي حددخلين جو آزار وڌي ويو آهي ٿاڻوبولاخان شھر جي شھيد بينظير چوڪ، شاهي بازار، مين بس اسٽاپ سميت شھر جي مختلف چوڪن تي خددخليون وڌي ويون آهن جڏهن ت روڊن تي ريڙھا يا ڪئبنون رکي ڪري روڊ کي سوڙهو ڪيو ويو آهي جنهن ڪري روڊن تان گذرندڙ ماڻهن کي تمام گهڻي پريشاني ٿئي ٿي، جڏهن ته روڊ تي حددخليون هئڻ ڪري ٽريفڪ جام ٿيڻ پڻ معمول بڻيل آهي ان کان علاوه دڪانن جو آيل سامان لاهڻ لاء ٽرڪون ۽ ٻيو گاڏيون روڊن تي بيهاري لاٿو وڃي ٿو جنهن سبب پڻ روڊ جام رهي ٿو ان کان علاوه انتظاميان طرفان شھر ۾ گوشت يا مڇي مارڪيٽ نه هئڻ سبب مڇي يا گوشت وارا پڻ پريشان آهن ان سلسلي ۾ٿاڻوبولاخان جي سڃاڻ ڌرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اينٽي انڪروچمينٽ جي بي ڌياني سبب حددخلين جو آزار وڌي ويو آهي هنن چيو ته ٿاڻوبولاخان اينٽي انڪروچمينٽ انتظاميان ٿاڻوبولاخان ۾ نظر نٿي اچي جنهن سبب حددخليون وڌي ويون آهن ماڻهن روڊ تي ڇپرا ، سندل، ڪئبنون ۽ريڙھا لڳائي ڪري روڊن کي ٻنهي پاسن کان سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب اتان گذرندڙ گاڏين وارن توڙي پيادل ماڻهن کي پڻ تمام گهڻي پريشاني ٿئي ٿي ، هنن چيو ته دڪاندارن پاران آيل سامان جو ٽرڪون ۽ ٻيون گاڏيون پڻ وچ روڊ تي بيهاري ڪري خالي ڪيون وڃن ٿيون جنهن سبب پڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊ بند رهي ٿو هنن ڊي سي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آهي ته ٿاڻوبولاخان ۾ حددخليون ختم ڪرڻ لاء ڪاروائيون ڪيون وڃن

Read Previous

واٽس ايپ ۾ آءِ فون وارو فيچر اچي ويو

Read Next

شاهنواز ڏاهاڻي جي سنڌي گاني ”جيئي سنڌ جيئي“ ڳائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

Most Popular