واٽس ايپ ۾ آءِ فون وارو فيچر اچي ويو

مقبول ايپلي ڪيشن واٽس ايپ آپريٽنگ سسٽم جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ نوان تجربا ڪندي مختلف اپ ڊيٽس آڻيندو رهي ٿو ۽ هاڻي هڪ نئين اپ ڊيٽ آندي وئي آهي.

واٽس ايپ بيٽا انفو جي رپورٽ موجب ايپ جلد ئي آءِ فون آپريٽنگ سسٽم وارو شاندار فيچر بلر ٽول اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ به متعارف ڪرائيندو، جنهن جيمدد سان هاڻي آءِ فون کانسواءِ ٻيا واهپيدار به تصوير کي بلر يعنيٰ ڌندلو ڪري سگهندا.

ان حوالي سان واٽس ايپ پنهنجن واهپيدارن لاءِ جلد نئين بيٽا اپ ڊيٽ جاري ڪرڻ وارو آهي، هن اپ ڊيٽ کانپوءِ هن ايپليڪيشن جو ورزن 2.22.7.1 ٿي ويندو.

هن نئين ورزن ۾ واٽس ايپ تي تصويرن کي بلر ڪرڻ جو آپشن تجرباتي طور استعمال ڪيو ويندو.

هن اپ ڊيٽ کانپوءِ واهپيدارن وٽ ايڊيٽنگ لاءِ هڪ پينسل کانسواءِ نئين پينسل جا آپشن ملندا جيڪي تصوير کي ڌندلو ڪرڻ جو ڪم ڪندا.

Read Previous

نثار کهڙو سنڌ مان سينيٽر چونڊجي ويو

Read Next

حددخلين جو آزار وڌي ويو ٽرئفڪ جام ٿيڻ معمول بڻيل ماڻهو مشڪلاتن جو شڪار

Most Popular